راشدي، اڪبر حسين

راشدي، اڪبر حسين

اڪبر حسين راشدي

اڪبر حسين راشدي: سيد اڪبر راشدي ولد سيد حاجي مير مرتضيٰ راشدي 30 جولاءِ 1951ع تي پير جي ڳوٺ، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. 1977ع ۾ مھراڻ انجينئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان سِول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. 1978ع کان 1985ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سول انجينئر طور خدمتون انجام ڏنيون. 1985ع کان 1991ع تائين سکر ۾ سپرنٽنڊنگ انجينئر هاءِ ويز سرڪل رهيو. 1997ع ۾ چيف انجينئر، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، ايشين ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ سيل مقرر ٿيو. اڪبر شاهه راشديءَ جي جوڙيل تنظيم ’سماجي ڀلائي سنگت‘ ڳوٺن کي بنيادي سھولتون ڏيارڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي. هن تنظيم جون 50 کان مٿي شاخون مختلف ڳوٺن ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري رهيون آهن. اڪبر راشدي 1990ع ۾ ’سنڌ سيد ايسوسيئيشن‘ لاڙڪاڻي جو صدر، 1991ع ۾ ’راشدي ايسوسيئيشن سنڌ‘ جو صدر ۽ چيف ڪوآرڊينيٽر اين. جي. اوز ضلعو لاڙڪاڻو به رهيو آهي. 26 فيبروري 1981ع تي ثقافت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ سرڪاري عملدار مھتاب اڪبر راشديءَ سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.07.30  عيسوي

سيد اڪبر راشدي ولد سيد حاجي مير مرتضيٰ راشدي 30 جولاءِ 1951ع تي پير جي ڳوٺ، لاڙڪاڻي ڀرسان پيدا ٿيو.


1981.02.26  عيسوي

26 فيبروري 1981ع تي ثقافت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ سرڪاري عملدار مھتاب اڪبر راشديءَ سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جارج برنارڊشا
حمورابي
بيگم رعنا لياقت علي خان
جان محمد عباسي مولانا
پلي حاجي
دريا خان نظاماڻي
شازيه پتافي ڊاڪٽر
ايسر خدمتگذار
شهاب الدين غوري
امان الله شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون